حافظ ارشد انڍڙ

حافظ ارشد انڍڙ

حافظ ارشد انڍڙ

حافظ ارشد انڍڙ: ليکڪ، تعليمدان ۽ ٽي. وي ڪمپيئر حافظ ارشد انڍڙ، 10 ڊسمبر 1950ع تي ڳوٺ ستابي انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. عربي تعليم مدرسي مدينة العلوم پني عاقل، محبوب ڳوٺ، قاسم العلوم گهوٽڪي ۽ جامعه دينيه دارالهديٰ ٺيڙهيءَ مان حاصل ڪيائين. پير جهنڊي ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات درس ۽ تدريس سان ڪئي ۽ مختلف انتظامي عهدن تي رهيو، جن ۾ سکر ۽ حيدرآباد جي تعليمي بورڊن جو ڪنٽرولر به ٿيو. ريڊيي ۽ ٽي. ويءَ تي سندس ميزبانيءَ هيٺ ڪيترائي پروگرام نشر ٿيندا رهيا آهن. خاص ڪري ’صراط مستقيم‘ سندس مقبول پروگرام رهيو. هن سنڌ جي تاريخ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شخصيت ۽ تعليم تي به گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندس سٺو مطالعو آهي. وٽس سٺي لائبريري به آهي، جنهن ۾ ڪيترائي قديم ڪتاب به رکيل آهن. هيءُ ڪيترن ئي ملڪن جو مطالعاتي دورو ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.12.10  عيسوي

ليکڪ، تعليمدان ۽ ٽي. وي ڪمپيئر حافظ ارشد انڍڙ، 10 ڊسمبر 1950ع تي ڳوٺ ستابي انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقيوم سڪندري مهر
خالد وسير
دارا-I
دين محمد سيد
فتح علي جتوئي
هما مير
اردشير ڪائوسجي
رونجهو اميربخش
عبدالقادر عرف قادري کيڙو ڊاڪٽر
الهڏتو رند رئيس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون